اسلم خيرپوري

اسلم خيرپوري

اسلم خيرپوري

اسلم خيرپوري: قومپرست اڳواڻ اسلم خيرپوري جو پُورو نالو محمد اسلم ولد محمد سليمان ميمڻ آھي. ھن 19 ڊسمبر 1965ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ميرپور بٺوري مان حاصل ڪئي. 1983ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سُجاول مان مئٽرڪ، 1987ع ۾ سُجاول ڪاليج مان انٽر ۽ 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. 1981ع ۾، ھاءِ اسڪول جي پڙھائي دوران جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ شامل ٿي سياست جي شروعات ڪئي. لطيف سنگت، ضلعي ٺٽي جو پھرين آرگنائيزر ۽ پوءِ ضلعي صدر رھيو. ھاءِ اسڪول ۾ سياسي سرگرمي سبب ٻن مھينن تائين سب جيل، سجاول ۾ رهيو. 1982ع ۾ فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ تي، ٻن مھينن تائين سب جيل، ميرپور بٺوري ۾ رهيو. بعد ۾ سب مارشل ائڊمنسٽريٽر، ڪورٽ ٺٽي کيس ھڪ سال سخت پورھئي، 5 ڦٽڪا (جيڪي پوءِ معاف ٿيا) ۽ 5000 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ان کان پوءِ 2 مھينا سينٽرل جيل، حيدرآباد، نارا جيل ۽ 7 مھينا سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رھيو. 1983ع ۾ جساف ضلعي ٺٽي جو صدر چونڊيو ويو. 1984ع ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ تي کيس ھڪ مھيني تائين سب جيل، لاڏيون ۾ رکيو ويو. 1985ع ۾ شاھنواز ڀُٽي جي قتل خلاف احتجاج ۽ 1986ع ۾ لساني فسادن دوران بھ گرفتار ٿيو. 1986ع ۾ پھرين جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر، ضلعي صدر ۽ پوءِ لاڙ ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر رھيو.1990ع ۾ جي. ايم سيد جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ٿيو ۽ ڏيڍ مھيني تائين سب جيل، لاڏيون ۾ قيد رھيو. جي.ايم سيد جي وفات بعد انضمام جي صورت ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ٺھيو تھ پاڻ اُن جو ضلعي صدر، جئميسٽ ڪائونسل جو ميمبر ۽ مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري ٿي رھيو. 2007ع ۾ عبدالواحد آريسر ۽ خان قريشي'>بشير خان قريشي جي اختلافن سبب پارٽيءَ جي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ جسقم (آريسر) جو ڪلچرل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، وائيس چيئرمئن ۽ سينئر وائيس چيئرمئن جي عھدن تي رهيو. 2015ع ۾ عبدالواحد آريسر جي وفات بعد قائم مقام چيئرمئن ۽ 2018ع کان چيئرمئن جي عھدي تي آھي. اسلم خيرپوري کي آخري ڀيرو 6 اپريل 2022ع تي ٺٽي مان گرفتار ڪري ٻن ڏينھن تائين گُم ڪيو ويو، جنھن بعد بغاوت جي ڪيس ۾ 5 مھينا سينٽرل جيل ۾ رھي ضمانت تي آزاد ٿيو. ان کانسواءِ مٿس ڪيترائي بغاوت جا ڪيس ھلندڙ آھن


لفظ اسلم خيرپوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.12.19  عيسوي

قومپرست اڳواڻ اسلم خيرپوري جو پُورو نالو محمد اسلم ولد محمد سليمان ميمڻ آھي. ھن 19 ڊسمبر 1965ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ ارشاد
ضياء الدين برني 1
خافي خان
پراتڀا ديوِي سنگهه
رتيش سڌواڻي
راجا پٿوراءِ
هرچندراءِ سوٽهڙ ڊاڪٽر
ڏاهر راجا
عارف سنائي مخدوم
مولانا محمد شيدا چنجڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون